ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)مغوي مزار گولو جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ سبب گولا برادري جي سردار محمد صلاح گولو جي سربراهي ۾ برادري جو ڪٺ گهرايو ويو، جنهن ۾ گولا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي گولا برادري جي سردار محمد صلاح گولو جو چوڻ هو ته هي اسان جي ضلعي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي آخرڪار اهڙي بدامني ڦهلائڻ جا ذميوار ڪير آهن
هن چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ته پوري ملڪ اندر آهي ۽ اسان اهو به نه ٿا چئي سگهون ته هي بدامني بيروزگاري ڪري ٿئي ٿي پر هي بدامني هٿ وٺي ڪرائي پئي وڃي جيئن هن ضلعي ۾ ترقي نه ٿي سگهي ۽ ماڻهن جا ذهن مفلوج بڻيل هجن
گولا برادري جي ڪٺ دوران سردار محمد صلاح اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ گولا برادري پيپلز پارٽي جي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڪندي ۽ اسان جي برادري جو مغوي مزار گولو بازياب نه ٿيو ته آءُ پاڻ پنهنجي برادري سان گڏ ڪچي ۾ لهندس ۽ ڏوهارين جهيڙو ڪنداسين