ڪنڌڪوٽ ۾ جڊيشل لاڪ اپ تي ڇاپو، قيدين جون دانهون

سيپٽمبر 26, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ اينٽي ڪرپشن ٽيم جو سرڪل آفيسر ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ جوڊيشل لاڪ اپ تي ڇاپو هنيو ويو

جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ سرڪل آفيسر شاهد بشير آڏو قيدين سهولتون نه هجڻ جون دانهون ڪيون .قيدين جو چوڻ هو ته اسان کي جوڊيشل لاڪپ ۾ ماني نه پئي ملي اسين پنهنجي پئسن سان ماني ٽڪي ٻاهريان گهرائيندا آهيون

 جڏهن ته سرڪل آفيسر شاهد بشير کوسو.غلام محمد کوسو جو چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن ٽيم جوڊيشل لاڪپ جي عملدارن کان رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.هنن چيو ته اسان کي شڪايتون مليون ته قيدين سان ظلم ٿئي پيو ۽ ڪاغذي ڪاروائي ۾ قيدين کي ماني به ملي رهي آهي پر حقيقتون ان جي ابتڙ آهن.سرڪل آفيسر جو چوڻ هو ته اسين ڇاپو هڻي رڪارڊ هٿ ڪيو آهي

 وڌيڪ گهربل رڪارڊ ڊي سي آفيس ۾ آهي جيڪا تحويل ۾ وٺي ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.سرڪل آفيسر شاهد بشير کوسو جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوڊيشل لاڪپ ۾ قيدين کي ماني نه پئي ملي ملوث ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي

اينٽي ڪرپشن ٽيم ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جوڊيشل لاڪپ ۾ پهچڻ وقت جيلر کسڪي ويو جڏهن ته جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڇاپي دوران جوڊيشل لاڪپ ۾ صفائي سٿرائي ٿيڻ لڳي

Leave A Comment