ضلعي مان مجموعي طور انگ 15 مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن پر ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ڏوهاري ٽولن وٽ 35 کان وڌيڪ ماڻهو قيد آهن جن لاءِ ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کان ڪروڙين روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي
ضلعي مان 5 مهينن دوران عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيلن سميت 250 اڍائي سئو مغوي اغوا ۽ بازياب ٿيندا رهيا جڏهن ته اغوا کان بچڻ لاءِ مزاهمت ڪرڻ تي امير بخش ملڪ کي قتل ڪيو ويو، مغوين جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ سبب مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي
ٻئي طرف مغوي نينگر 4 سالا ثمرت جي گهر ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان سمون کين گهر پهتو ۽ نينگر جي اغوا معاملي تي کين يقين ڏياريو ته نينگر جلد بازياب ٿيندو پر پوليس صرف مغوين جي وارثن کي اهي دلاسا ڏيندي پئي اچي ته مغوي جلد بازياب ٿي ويندا پر ڪڏهن ٿيندا ۽ ڪيئن هن ضلعي مان ڏوهارين جو خاتمو ٿي سگهي ٿو اهو سوال پوليس جي خاطري کان ڳرو ٿي ويو آهي