| ڪنڌڪوٽ ۾ زبون حال پل ڊهڻ سبب ڊاٽسن ڪئنال ۾ ڪري پئي: 2 سئوٽ ٻڏي ويا |
ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ جي رسالدار واري علائقي ۾ ٺهيل واحد پل سنڌ-بلوچستان کي ملائيندڙ گڊو بئراج مان نڪرندڙ شاهي واهه ڪينال مٿان ٺهيل پل جو زبون حالي سبب هڪ پاسو ڊهي پيو، پل مٿان گذرندڙ ڊاٽسن شاهي ڪينال ۾ ڪري پئي، نتيجي ۾ ڊاٽسن ۾ سوار ڊرائيور برڪت گولو سميت 7 ڄڻا ٻڏي ويا، اطلاع تي علائقي واسي پهچي ويا، ٻڏي ويل 7 ڄڻن مان 5 ڄڻن کي پاڻي مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته 10 ورهين جي نينگر عبدالغفار ولد غلام نبي گولو ۽ 18 ورهين جي مجيب ولد محمد صلاح جو پتو نه پئجي سگهيو، ڳوٺاڻن ڊاٽسن کي شاهي واهه ڪينال مان ڪڍي ورتو، مقامي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت شاهي ڪينال واهه ۾ نينگر ۽ نوجوان کي ڳولهيندا رهيا، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻڏي ويل 10ورهين جو عبدالغفار ولد غلام نبي گولو ۽ 18ورهين جو مجيب ولد محمد صلاح گولو پاڻ ۾ سئوٽ هئا. جڏهن ته ڊاٽسن هلائيندڙ برڪت گولو به سندن سئوٽ ٻڌايو پيو وڃي.
| چونڊيل نمائندن ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي: وارث |
ڪنڌڪوٽ: ٻڏي ويل 10ورهين جي عبدالغفار گولو ۽ 18ورهين جي مجيب گولو جي وارثن شاهه بخش گولو، حفيظ گولو جو چوڻ هو ته شاهي واهه ڪينال ڀرسان پل ڪيترن ئي سالن کان زبون بڻيل هئي، شڪايتن باوجود چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو، 11 سال اڳ ٺهيل پل ناقص مٽيريل استعمال سبب زبون حال بڻجي ڊهي پئي، ٺيڪيدار جي ڪرپشن سبب پل ڊهي پئي، متاثرن جو چوڻ هو ته واقعي جو ڪيس ٺيڪيدار، ضلعي انتظاميا ۽ تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي خلاف داخل ڪرايو وڃي. واقعي جا ذميوار آهي.
جاچ ڪئي پئي وڃي، غفلت ثابت ٿيڻ تي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪنداسين: ضلعي انتظاميا
ڪنڌڪوٽ: ڊي سي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان پٺاڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ٻڏي ويلن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن جي غفلت آهي، واقعو ڪيئن پيش آيو آهي مڪمل جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ضلعي انتظاميا 8 ڪلاڪ تائين ٽوٻا نه گهرايا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولها ڪندا رهيا
ڪنڌڪوٽ: صبح جو 7 وڳي واقعو پيش آيو، اطلاع ڪرڻ باوجود ضلعي انتظاميا طرفان ٽوٻا نه موڪليا ڪيا، 8ڪلاڪن تائين ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻڏي ويل ٻن ڄڻن جي ڳولا ڪندا رهيا.
ڊاٽسن ۾ سوار ماڻهو ڳوٺ کان ڪنڌڪوٽ اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو
ڪنڌڪوٽ: ڊاٽسن صبح جو 7 وڳي ڳوٺ پيارو خان گولو مان رواني ٿي، ڊاٽسن ڊرائيور برڪت گولو ڳوٺاڻن کي ڪنڌڪوٽ طرف کڻي اچي رهيو هو ته شاهي واهه ڪينال مٿان ٺهيل پل ڊهي پئي ۽ واقعو پيش آيو، ٻڌايو پيو وڃي ته وڌيڪ وزن پوڻ ڪري زبون حال پل ڊهي پئي.