ڪنڌڪوٽ ۾ سبزوئي_مهر تڪرار تان پلاند ۾ نوجوان قتل: پورهيت اغوا
مارچ 26, 2025
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بي ايس فيڊر گڊو پل وٽ ھٿياربندن پاران ڳوٺ دراني مهر واسي ٽريڪٽر تي ويٺل ماڻھن مٿان جديد ھٿيارن سان حملو ڪري ھڪ ڄڻي وسند مهر کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻئين نوجوان ضمير مهر کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا. حد جي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ پهچي وسند مهر جو لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، اي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي ايس ايچ او محمد صادق عباسي جو چوڻ هو ته سبزوئي_ مهر خوني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان نوجوان وسند مهر قتل ۽ ضمير مهر کي اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪچي ۾ آپريشن هلندڙ آهي، جلد مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو.
بيگناهه ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو، ٻيو نوجوان هٿياربندن وٽ قيدي آهي، کيس آزاد ڪرايو وڃي: علي گل مهر
ڪنڌڪوٽ: مقتول وسند مهر واقعي بابت سندس ڀاءُ علي گل مهر ٻڌايو ته ڀاءُ کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، ڪجهه وقت پهريان سبزوئي هٿياربند پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا هئا، جنهن معاملي تان سبزوئي هٿياربندن وسند مهر کي قتل ڪيو آهي، جنهن جو ان معاملي سان ڪوبه واسطو نه هو، هن جو چوڻ هو ته سبزوئي هٿياربندن وڊيو وائرل ڪئي آهي، هو اسان جي ٻئين نوجوان کي به قتل ڪري ڇڏيندا، اهڙي وڊيو بعد پوليس حرڪت ۾ ناهي آئي.
نوجوان جي اغوا ۽ ڌمڪين واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد چڱن مڙسن راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون
ڪنڌڪوٽ: سبزوئي هٿياربندن پاران نوجوان ضمير مهر کي اغوا ڪري کڻي وڃڻ ۽ ڌمڪين واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد تر جي چڱن مڙسن راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
پلاند ڪيو آهي، مطالبا نه مڃيا ته مغوي مارينداسين: هٿياربند
ڪنڌڪوٽ: سبزوئي_ مهر خوني تڪرار ۾ هڪ ڄڻو وسند مهر قتل ۽ نوجوان ضمير مهر کي اغوا ڪرڻ وارو معاملو، اغوا ڪيل ضمير مهر جي وڊيو وائرل ڪندي سبزوئي برادري جي هٿياربندن جو چوڻ هو ته اسين ڏاڏي سبزوئي جو پلاند ڪيو آهي، هن نوجوان کي اغوا ڪيون پيا وڃون، اسان کي سامان واپس ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هن نوجوان کي به قتل ڪري ڇڏينداسين، هٿياربندن پاران نوجوان کي سرعام کڻي وڃڻ جو وڊيو پڻ وائرل ڪري ڇڏيو آهي.