ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ سرڪاري اسپتالن اندر عورتن جا پوسٽ مارٽم ضلعي جي هيڊڪواٽر اسپتالن ۾ نه ٿيڻ ۽ ليڊي ڊاڪٽرن بدران داين هٿان ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد جاچ ٽيم ڊي ايڇ او آفيس پهچي وئي
تفصيل موجب ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ 37 ليڊي ڊاڪٽرياڻيون مقرر ٿيل آهن پر عورتن جا پوسٽ مارٽم داين کان ڪرايا وڃن ٿا جڏهن ته ڄاڻايل ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي تي پڻ نه پيون اچن
ضلعي ۾ 37 ڊاڪٽرياڻين مان ڪنهن هڪ جو به ڊيوٽي نه ڪرڻ جون شڪايتون صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کي پيراميڊيڪل اسٽاف اڳواڻن ۽ شهرين طرفان ڪيون ويون جڏهن ته لکت ۾ ليٽر به موڪليا ويا هئا
پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي شڪايتن بعد ڊي جي هيلٿ جاچ ٽيم جوڙي جيڪا ڊي ايڇ او آفيس پهچي وئي آهي، ڊائريڪٽر صحت لاڙڪاڻو ۽ سکر مان آيل ٽيم ڊاڪٽرياڻين جو رڪارڊ چيڪ ڪيو
ذريعن موجب 37 ڊاڪٽرياڻين مان صرف ڊي ايڇ او آفيس ۾ هن وقت تائين 2 ڊاڪٽرياڻيون ڊي ايڇ او آفيس ۾ جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيون
ٻئي طرف پيرا ميڊيڪل اسٽاف اڳواڻ علي حسن قمبراڻي چيو ته اسان جي اسپتال ۾ صرف 2 ڊاڪٽرياڻين کان علاوه ٻيو ڪوبه ڊاڪٽر ڊيوٽي نٿو ڪري، اسان کي اميد آهي ته انڪوائري ٽيم سرڪاري اسپتالن سان انصاف ڪندي