ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ سرڪاري اسڪول جي بجلي بند هجڻ ۽ سخت گرمي سبب 6 ٻارڙا بيهوش ٿي ويا
گورنمينٽ پرائمري اسڪول تحفظ القرآن ۾ شديد گرمي ۽ بجلي نه هجڻ سبب 6 ٻارڙا بيهوش ٿي پيا جن کي طبي امداد ڏني وئي
بيهوش ٿي ويلن ۾ اعجاز،ميان بخش،رضوانا،واجد،ابراهيم،عبدالقدير شامل آهن، اسڪول انتظاميا موجب
ٻارڙا بجلي نه هجڻ سبب بيهوش ٿي ويا کين طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو
اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسڪول جي بلڊنگ ۾ بجلي نه هجڻ سبب روز ٻارڙا بيهوش ٿي رهيا آهن، اختيارين کي پڻ ٻڌايو ويو آهي پر اڃا تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو آهي