ڪنڌڪوٽ/ ڪشمور( نمائندن وٽان) سيپڪو جي ٻن ملازمن کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ احتجاجن بجلي جي فراهمي بند ڪئي وئي
سيپڪو جي پورهيت يونين طرفان ٻن ڄڻن جي اغوا خلاف احتجاجن بجلي بند ڪئي وئي آهي جنهن سبب شهري عذاب جي ور چڙهي ويا آهن
سيپڪو اڳواڻڻ جو چوڻ آهي ته ڪرمپور گرڊ اسٽيشن تان اغوا ڪيل ٻن ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائڻ بدران بهانا ڪري رهي آهي
هنن چيو ته جيسيتائين اغوا ٿيل ملازمن کي بازياب نه ڪرايو ويندو تيسيتائين احتجاج جاري رهندو ۽ بجلي به بحال نه ڪئي ويندي