ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف شهرين جو احتجاج 12 هين ڏينهن به جاري آهي، پوليس تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي
اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ آل بليدي اتحاد جي سڏ تي سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو
بجاراڻي برادري جي چڱي مڙس اقبال خان بجاراڻي.سردار محمد صلاح گولو.نويد خان گولو ۽ ٻين ريلي جي اڳواڻي ڪئي جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻارڙي ڪوثر کوسو، ٻالڪ واجب علي گولو، محمد عظيم ميڻڪ، عورت فوزيه کوسو، .نور الدين بهلڪاڻي.نياز لاشاري.واپڊا ملازم جميل احمد ٻرڙو.آصف آرائين.موتي لال ۽ ٻيا ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن پر پوليس انهن جي بازيابي لاءِ تحرڪ نه پئي وٺي
هنن چيو ته ضلعي مان اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرائي فوري امن قائم ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو