ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو پئنچائت ۽ سول سوسائٽي جي ريلي

جُون 26, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو پئنچائت ۽ سول سوسائٽي طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مغوين جي آزادي، بدامني اغوا وارداتن تي پوليس خلاف شديد نعري بازي ڪئي وئي

ان موقعي تي هندوپئنچائت جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سيٺ نند لال، جهانگير تيغاڻي، لياقت خان ملڪ، ڊاڪٽر ميهر چند، مکي منور لال جو چوڻ هو ته هن ضلعي ۾ اسين غير محفوظ ٿي ويا آهيون هر روز ماڻهو اغوا ٿين ٿا ڦر چورين جون وارداتون عروج تي آهن آخر اسان کي ڪير تحفظ ڏيندو

هنن چيو ته رهزن ڌاڙيل معصوم ٻارڙن کي رسين سان ٻڌي وڊيو وائرل ڪري پوري ضلعي جي پوليس کي چيلينج ڪري رهيا آهن پر پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪا ڪارروائي نه پئي ڪري سگهي

سندن چوڻ هو ته هندو شهري لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، چونڊيل نمائندن تي هن ڪهري بدامني تي ڪڏهن به پنهنجا چپ نه چوريا آهن،  امن امان بحال ڪرائي رهزن ڌاڙيلن جي قيد مان سڀني مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام