ڪنڌڪوٽ ۾ مفت طبي ڪئمپ تي علاج لاءِ آيل  پيرسن فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

ڪنڌڪوٽ ۾ مفت طبي ڪئمپ تي علاج لاءِ آيل  پيرسن فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ قائم،ڪئمپ ۾ مريض فوت،وارٽن جو ڊاڪٽرن مٿان غفلط جو الزام، سول اسپتال ۾ شهري اتحاد جي ميزباني هيٺ هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مختلف شعبن جي ماهر ڊاڪٽرن مريضن جو چيڪ اپ ڪيو، ميڊيڪل ڪئمپ دوران پيرسن مريض الله ڏنو گولو  فوت ٿي ويو،  فوتي جي وارثن احتجاج ڪري ڊاڪٽرن تي غفلت جا الزام هنيا، وارثن موجب هو ڪلاڪن تائين منٿون ڪندا رهيا پر ڊاڪٽرن دير سان چيڪ اپ ڪيو ۽ مريض جي حالت خراب هجڻ باوجود ايمبولينس فراهم نه ڪئي وئي، جنهن سبب پيرسن فوت ٿي ويو،  وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳائيندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ايم ايس جي عارضي چارج تي موجود ڊاڪٽر خليق انور باجڪاڻي جو چوڻ آهي ته مريض کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي ۽ وارثن ايمبولينس جي گهر نه ڪئي جڏهن ته اسپتال ۾ ايمبولينس موجود آهي ۽ الزام بي بنياد آهن، ڊاڪٽر ميهرچند موجب مريض آڻڻ وقت ئي فوت ٿي چڪو هو، ڪئمپ ۾ گاڏين جي ارينجمنٽ موجود نه هئي، ٻئي طرف وارثن چيو آهي ته انتظاميا جا بيان تضاد تي ٻڌل آهن، هنن چيو ته جيڪڏهن مريض فوت ٿيل هو ته، فوت هجڻ باوجود دوائون ڪيئن لکيون ويون.