ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو هٿياربندن ٻن نوجوانن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي زخمي ڪري ڇڏيو
ڳوٺ حاڪم علي بهلڪاڻي ۾ هٿياربندن عبدالرحيم ۽ عبدالفهيم بهلڪاڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
اغوا جي ڪوشش دوران نوجوانن ڌاڙيلن سان مزاحمت ڪئي جنهن تي هٿياربندن عبدالرحيم کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري وڌو رڙين تي ڳوٺاڻا پهچي ويا هٿياربند فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا
:زخمي نوجوان کي وارثن اسپتال منتقل ڪيو اطلاع باوجود پوليس ديرسان پهتي
ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته علائقي مان ڏوهارين جو خاتمو آڻي امن قائم ڪرايو وڃي