ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان جي مبينا آپگهات واقعي کي وارثن قتل قرار ڏئي ڇڏيو: لاش رکي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان جي مبينا آپگهات واقعي کي وارثن قتل قرار ڏئي ڇڏيو: لاش رکي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گلشير محلا جو رهواسي فيروز جسڪاڻي جي مبينا خودڪشي واري معاملي کي وارثن قتل قرار ڏئي ڇڏيو، وارثن طرفان نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان ميڊيا کي ڏيکاريا، وارثن پاران نوجوان جو لاش ڪنڌڪوٽ سول استال آندو جتي ڊاڪٽرن نوجوان کي ڏسي واقعو خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو، جڏهن ته نوجوان جي وارثن لاش سول اسپتال ٻاهران رکي ڌرڻو هنيو،  ڌرڻي سبب شڪارپور-ڪشمور روڊ بلاڪ ٿي ويو، نوجوان جي وارثن عبدالستار جسڪاڻي ۽ سياسي سماجي اڳواڻ دلمراد ڏاهاڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نوجوان کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي قتل ڪرڻ بعد ان جو لاش پکي تي ٽنگي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.نوجوان گهر ۾ ننڍي ڀيڻ سان گڏ اڪيلو هو سندس امڙ شادي دعوت تي ويل هئي قاتلن نوجوان کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي نوجوان کي قتل ڪيوهنن چيو ته نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو.هوڏانهن نوجوانن جي وارثن سان ۽ احتجاج ڪندڙ سياسي سماجي اڳواڻن سان پوليس ڳالهيون ڪيون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.