ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد محلي واسي نوجوان صدر پٽ هدايت الله سهرياڻي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن پاران نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جي خودڪشي ڪرڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پوليس معاملي جي مختلف رخن کان جاچ  ڪيون پيا. هوڏانهن وارثن موجب نوجوان گهر پهتو ته چانهن جي طلب ڪئي ۽ بعد ۾ ڪمرو بند ڪري سمهي پيو ته ڪجهه ٽائيم بعد گولي هلڻ جو آواز آيو دروازو کوليوسين ته نوجوان جو لاش بستري ۾ پيل مليو.