ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: لياقت علي کوسو) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ نوڪرين تان لاٿل پوليس اهلڪار به ٿاڻن تي ايس ايچ اوز مقرر ٿي ويا
تازو بدلي ٿيل ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان سمون جي وقت ۾ ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن تي ڊسمس فرام سروس ٿيل پوليس اهلڪار ايس ايڇ او مقرر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ذريعن موجب دراني مهر ٿاڻي تي ڪامل تيغاڻي ايس ايچ او مقرر ٿيل آهي، ڪامل تيغاڻي پوليس اهلڪار آهي
گهوڙاگهٽ ٿاڻي تي حڪيم جتوئي ايس ايچ او مقرر ٿيل آهي جيڪو ڊسمس فرام سروس ٿيل آهي. جڏهن ته گبلو پوليس ٿاڻي تي ايس ايچ او شبير احمد ڀيو مقرر ٿيل آهي جنهن مٿان ڪرمپور ٿاڻي تي جعفري برادري جي نوجوان کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار شبير احمد ڀيو ايس ايڇ او مقرر ٿيل آهي
حاجي خان شر ٿاڻو ۽ گيهلپور ٿاڻي تي طارق سولنگي ايس ايچ او مقرر ٿيل آهي جيڪو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيل آهي ۽ 2 پوليس ٿاڻن جي چارج پڻ مليل آهي
آءِ جي سنڌ پاران ڪنهن به ٿاڻي تي اي ايس آءِ يا وري ڪنهن سپاهي کي ايس ايچ او طور مقرر نه ڪرڻ جا سختي سان حڪم مليل آهن پر ان باوجود ڪشمور ضلعي ۾ ان قسم جون مقرريون ٿيل آهن