| ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر، ڊرائيور سڙي فوت، ڪلينر زخمي |
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي فلور مل لڳ ڪار کي بچائيندي ٻن ٽرالرن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ٻنھي ٽرالرن ۾ باهه لڳي وئي، ٽرالرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو، سڙي فوت ٿي ويل ڊرائيور جو لاش ۽ ڪلينر کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي ٿيل ڪلينر گل خان ٻڌايو ته اسين ڪراچي کان گجرانواله وڃي رھيا ھياسين، فوتي جو نالو ولي خان آهي، پشاور جا رھائشي آهيون.