ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، لٺيون لڳڻ سبب پيرسن قتل

ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، لٺيون لڳڻ سبب پيرسن قتل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ دراني مھرٿاڻي جي حد ڳوٺ قياس ڀيو ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين وچ جھيڙي دوران 60 سالن جو پيرسن محمد شريف عرف محمد حسن ڀيو لٺيون لڳڻ سبب مارجي ويو،  وارثن پيرسن جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، وارثن طفيل احمد ڀيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بااثرن تشدد ڪري اسان جي پيرسن کي قتل ڪيو آهي، پوليس اهلڪار جي موجودگي ۾ جوابدارن حملو ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس ليٽر به ناهي ڏنو.