ڪنڌڪوٽ ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور نوجوان مبينا طور اغوا

ڪنڌڪوٽ ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور نوجوان مبينا طور اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور جواد پٽ محمد حيات لاشاري مبينا طور اغوا ٿي ويو، نوجوان جي چاچي قادر بخش لاشاري ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ شهر مان ڳوٺ ملگزار طرف ويندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور جواد لاشاري ٽريڪٽر سوڌو اغوا ٿي ويو آهي،نوجوان جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو آهي.پوليس نوجوان جي آزادي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.