| ڪنڌڪوٽ ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ ويڙهاند: ڇتي فائرنگ: نوجوان قتل |
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي گهوڙا گھاٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادل خان سبزوئي ۾ پراڻي تڪرار تان سبزوئي براري جي ٻن ڌرين وچ ۾ آمهون سامهون هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ جي سبب 35 سالن جو عبدالغفور ولد مير حسن سبزوئي قتل ٿي ويو.وارثن مقتول جو لاش ڪنڌڪوٽ جي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو.اهڙي واقعي تي حد جي پوليس علائقي ۾ پهچي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن،هوڏانهن واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو، علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.