ڪنڌڪوٽ ۾ پيٽرول پمپ تي ڌاڙيلن جي ڪاهه، منشي کي اغوا ڪري ويا، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

آگسٽ 13, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ پيٽرول پمپ تي ڌاڙيلن جي ڪاهه، منشي کي اغوا ڪري ويا، هيلپر کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو ويو

بي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي حد  بگن خان قمبراڻي پمپ تي  ڌاڙيلن جي ٽولي ڪاھ ڪري پمپ  منشي عبدالوحيد ملڪ کي اغوا ڪري ويا، ھيلپر عابد قمبراڻي کي زخمي ڪيو ويو

واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو جڏهن ته پوليس اطلاع بعد ڏوهارين جي پويان رواني ٿي وئي، هوڏانهن واقعي خلاف ملڪ ۽ قمبراڻي برادري پاران انڊس ھاءِ وي جي قمبراڻي اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باھ ڏيئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي

احتجاج ڪندڙن چيو ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس شهرين جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، اغوا ٿيل منشي عبدالوحيد ملڪ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي

Leave A Comment