ڪنڌڪوٽ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان قتل نوجوان جو آخري رسمون ادا: سوڳ ۾ شهر بند
مارچ 15, 2025
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ٿيل 18 ورهين جي نوجوان انيش ڪمار کي آلين اکين سان اگني سنسڪار ڪيو ويو، نوجوان جي آخري رسمن ۾ وڏي انگ ۾ هندو برادري شرڪت ڪئي، هندو برادري جي ماڻهن طرفان پنهنجو ڪاروبار پڻ بند رکيو ويو، جڏهن ته چونڊيل نمائندن توڙي پوليس عملدارن شرڪت نه ڪئي.ان موقعي تي سيٺ نند لال، مکي سريش ڪمار، ڊاڪٽر ميهرچند،گهنشام داس، انجنيئر لال موٽواڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان کي لاوارث بڻايو ويو آهي، ننڌڻڪا ٿي ويا آهيون، سنڌ پوليس، سنڌ حڪومت ۽ هتان جا چونڊيل نمائندا اسان سان ٿيندڙ ناجائزين تي لاتعلق بڻيل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جون هولي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، واقعي جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو آهي، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان کي نه روزگار کپي نه تعليم کپي نه روڊ رستا کپن بس اسان کي امن ڏنو وڃي.