ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا_گولا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل: ڀاءُ زخمي
نومبر 23, 2024
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ رسالدار ٿاڻي جي حد ڳوٺ هوران کوسو ۾ کوسا ۽ گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان شروع ٿيل خوني جهيڙو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ڳوٺ هوران کوسو ۾ هٿياربندن جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني،گوليون لڳڻ ڪري گولا برادري سان تعلق رکندڙ 2 ڀائر آچر پٽ محمد ابراهيم گولو قتل ٿي ويو ۽ ٻيو صابر پٽ محمد ابراهيم زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ياد رهي ته کوسا ۽ گولا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين 4 ڄڻا قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.