ڪنڌڪوٽ  ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پورهيت نوجوان گوليون هڻي قتل

ڪنڌڪوٽ  ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پورهيت نوجوان گوليون هڻي قتل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهادر چاچڙ جي رھواسي نوجوان محمد چاچڙ کي گوليمار واري علائقي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب نوجوان چانھه جي ھوٽل تي مزدوري ڪندو ھو، جيڪو گھر طرف اچي رھيو ھو ته ھٿياربندن اڳ وٺيکيس قتل ڪيو آهي، پوليس موجب نوجوان کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ويو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.