ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ: چيف مقدم جو وڏو پٽ قتل: ڀائيٽو زخمي

مارچ 23, 2025

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ۾ چيف مقدم منير کوسو جو موڀي پٽ قتل، ڀائيٽيو زخمي،  شھر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد اعواڻ پاڙي ۾ ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري چيف مقدم مير منير کوسو جي وڏي پٽ رفيق احمد کوسو ۽ سندس ڀائيٽي عمران کوسو  کي زخمي ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾  رفيق احمد کوسو قتل ٿي ويو، جڏھن ته سندس گڏ مقتول جو سئوٽ عمران کوسو سخت زخمي ٿي پيو، شهرين زخمي ۽ مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته گولا ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار  تان واقعو پيش آيو آهي، وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کوسا ۽ گولا ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار: 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا

ڪنڌڪوٽ: کوسا ۽ گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن معاملي تي تڪرار شروع ٿيو، جنهن ۾ ذريعن موجب ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، رفيق احمد کوسو جي قتل بعد ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ خونريزي جو خطرو وڌي ويو، ڌريون ھڪ ئي علائقي جا رهواسي آهن، مير منير احمد کوسو جي پٽ جي قتل بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن.ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ  ڪنڌڪوٽ پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي !

ڪنڌڪوٽ: چيف مقدم منير خان کوسو جي پٽ رفيق احمد جي قتل ۽ ڀائيٽي عمران کوسو جي زخمي ٿيڻ جي باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، بروقت ڪارروائي نه ٿيڻ جي ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي.

کوسا_ گولا خوني تڪرار خاتمي لاءِ ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا به ويا: ٺاهه نه ٿيو

ڪنڌڪوٽ: کوسا_ گولا خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ تيغو تيغاڻي، سيد بشير شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معززين جي ڌرين ڏي ميڙ منٿ جا قافلا به ويا، ميڙ منٿ قافلي وارن جھوليون به جھليون ھيون پر بدقسمتي سان ٺاھ نه ٿيو ۽ بيگناھ انساني زندگيون تباھ ڪيون پيون وڃن.

Leave A Comment