| ڪنڌڪوٽ ۾ ڪلينڪ تي نوجوان فوت، ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام |
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي خانگي ڪلينڪ تي نوجوان تنوير شاهه پراسرار نموني فوت ٿي ويو، نوجوان جي وارثن پاران ڊاڪٽر تي غلط انجيڪشن لڳائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، فوتي نوجوان جي وارثن ڊاڪٽر اسد نوناري خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، واقعي بعد ڊي ايچ او ڪشمور ڪنڌڪوٽ اعجاز علي شاهه ڪلينڪ جو دورو ڪري نوجوان کي ڏنل ميڊيسن جو معائنو ڪيو، ان حوالي سان ڊي ايچ او اعجاز علي شاھه جو چوڻ ھو ته مونکي اھڙي واقعي جي سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ملي، الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽر کان معلومات ورتي آھي، ڊاڪٽر موجب نوجوان کي تيز بخار ھو جنھن کي بخار لاھڻ واري فيورال ڊرپ لڳائي وئي، وڌيڪ معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني انڪوائري ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي.ٻي طرف ڊاڪٽر اسد نوناري چيو ته نوجوان کي بخار هيو، کيس فيورال ڊرپ لڳائي وئي، ٿوري وقت بعد سندس طبعيت خراب ٿيڻ لڳي، نوجوان کي اسپتال ۾ دل جو دورو پيو، ڪابه غلط انجيڪشن نه لڳائي آهي.