ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت علي) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني وڏو مسئلو قرار، ضلعي ڪائونسل جي تعارفي اجلاس ۾ نئين چونڊيل ميمبرن جا چهرا لٿل، ڪجهه وري ٻهڪندا رهيا
تعارفي اجلاس ۾ نئين آيل ميمبرن شڪايتون ڪندي مسئلا حل ٿيڻ جي اميد به ظاهر ڪئي، ڪچي سان گڏ پڪي تي به ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي
ڪنڌڪوٽ ضلعي ناظم هال ۾ چونڊجي آيل ضلعي چيئرمين گل محمد خان جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين الطاف احمد کوسو جي نگراني ۾ پهريون تعارفي اجلاس ٿيو، مخصوص سيٽن تي آيل ۽ چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي، جن ۾ عورتون ۽ کدڙا فقير به شامل هئا
سڀني ضلعي ڪائونسلرن تعارف ڪرائڻ بعد ضلعي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين آڏو ضلعي اندر بدامني جو مسئلو اٿاريو ۽ بدامني ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي
ضلعي ڪائونسلر عالمگير ڪوش،گل محمد جکراڻي ۽ حسن علي بنگوار چيو ته ضلعي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، ان صورتحال ۾ ضلعي جي بهتري لاءِ ڪيئن ڪم ڪري سگهون ٿا
ضلعي ڪائونسلرن چيو ته گهران نڪرڻ کان به هاڻ خوف ٿي رهيو آهي، ڪچي جا ڌاڙيل ته ايندڙ ويندڙ رستن تان ماڻهن کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ٿا وڃن پر شهر اندر جيڪي ڌاڙيل ڦر ڌاڙا ٿا هڻن اهي ڪچي جا نه بلڪي پڪي جا ڌاڙيل آهن جن کي به پوليس روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي
ضلعي ڪائونسلرن چيو ته جيڪي به ڦرون شهر اندر ٿي رهيون آهن اهي نوجوان نسل ڪري رهي آهي، وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو نوجوانن جي هٿن ۾ ٽي ٽي پسٽل آهن جيڪي دڪانن ۾ داخل ٿي ڦرون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا
هنن ضلعي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته ضلعي جي امن و امان جي بحالي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان بعد ئي ضلعي جي بهتري ۽ ترقي ٿي سگهي ٿي
ضلعي ڪائونسلر محمد خان کوسو ضلعي چيئرمين کي ميارون ڏيندي چيو ته گذريل مڪاني دور ۾ جيڪا بهتري آئي، اميد ته ان کان وڌيڪ ڪم ڪندا، سڀني جي مشاورت سان فيصلا ڪندا
ضلعي چيئرمين گل محمد جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين الطاف کوسو چيو ته انشاءَ الله گڏجي ضلعي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ امن امان بھترڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنداسين
جڏھن ته اجلاس ۾ عورت ميمبرن جو انگ تمام گھٽ ھيو ۽ ڪجھه ڪائونسلر به غير حاضر ھيا، اجلاس ۾ شريڪ ڪجهه ڪائونسلر مايوس، پريشان نظر اچي رهيا هئا ته ڪجهه وري تمام گهڻا خوش نظر آيا، اجلاس ختم ٿيڻ بعد ميمبرن کي مانجهاندو به ڪرايو ويو