| ڪنڌڪوٽ ۾ گم نوجوان جي اغوا جو شڪ، ڳڙهي تيغو پهتل |
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان 2 ڏينهن کان گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، نوجوان محسن علي پٽ حق نواز اعواڻ پراسرار نموني گم ٿي ويو، نوجوان جي والد حق نواز اعواڻ جو چوڻ هو ته پٽ ڊيوٽي تان موڪل تي گهر آيو هو، غوثپور جي دوست اياز ملڪ سان منهنجي پٽ کي غوثپور دعوت تي گهرايو هو،پٽ سان مسلسل دوست اياز ملڪ رابطي ۾ هو صبح جو 7 وڳي پٽ ڪنڌڪوٽ کان گهران غوثپور لاءِ نڪتو هو جنهن جا نمبر 12 وڳي صبح جي ٽائيم بند ٿي ويا، هن چيو ته مونکي شڪ آهي ته منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺيس کيس بازياب ڪرايو وڃي. پوليس چوي ٿي ته نوجوان جي موبائيل فون جي آخري لوڪيشن شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ڳڙهي تيغو ۾ آئي آهي.