ڪنڌڪوٽ ۾ گندي پاڻي جي پائيپ لائن ڦاٽي پئي: شهر گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويو

آگسٽ 26, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ شھر جي نيڪال واري گندي پاڻي جي مين لائين 24 انچ پائيپ لائين ٽول پلازه وٽ ڌماڪي سان ڦاٽي پئي

سيوريج جي مين پائيپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب نالين جو گندو پاڻي شهر ۾ ڪاهي پيو، پاڻي شهر کي ٻوڙڻ لڳو

گهنٽاگهر چوڪ،ڊي سي روڊ،هيبت روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو  جڏهن ته گهرن ۾ گندو پاڻي داخل ٿي ويو، شهرين پاران مين پائيپ لائين ڦاٽڻ جو ميونسپل انتظاميا کي اطلاع ڏنو ويو

ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ڪنڌڪوٽ مقصود جتوئي چيو آهي ته ميونسپل انتظاميا فوري طور اپاءُ وٺي ھنگامي بنيادن تي ڪم ۾ مصروف آھي

شھر جي غريب آباد وٽ ڊسپوزل لائين عارضي طور بند ڪيو ويو آھي جئين پاڻي شهر ۾ وڌيڪ جمع نه ٿئي، ڪجھه ڪلاڪن لاءِ شھر جو مين ڊرينيج جي نيڪال وارو پاڻي بند رھندو

ميونسپل آفيسر مقصود جتوئي چيو ته سکر مان مرمتي سامان ۽ مرمت ڪندڙ ٽيم پھچي رهي آهي، رات تائين مين لائين جو مرمتي ڪم مڪمل ڪري نيڪال واري پاڻي جو نظام بحال ڪيو ويندو

Leave A Comment