ڪنڌڪوٽ:مغوين جي گهرن ۾ روڄ، مکي جڳديش جي گهرواري کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو: ڌرڻو

جُولاءِ 19, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ لياقت علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ايف سي اهلڪار سميت اغوا ٿيل 31 مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن وٽان آزاد ناهن ٿي سگهيا جڏهن ته ايف سي اهلڪار جي آزادي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري آهي

مکي جڳديش ڪمار ۽ نينگر جئديپ به ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، جگديش ڪمار جي وارث آڪاش ڪمار جو چوڻ هو ته نينگر جئديپ ۽ مکي جڳديش ڪمار کي هٿياربندن بڊاڻي لنڪ روڊ تان اغوا ڪيو ويو هو پر مهينو ٿي چڪو آهي رڳو آسرا ڏئي رهي آهي، مغوين کي آزاد نٿي ڪرائي

هنن چيو ته مکي جڳديش ڪمار جي گهر واري کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي پوري گهر ۾ ماتم برپا آهي، جن کي ووٽ ڏناسين انهن به اسان لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، رڳو دلاسا ڏئي رهيا آهن، مغوي ڪڏهن واپس ايندا ڪا خبر ناهي، اسان جا پيارا جلد آزاد ڪرايا وڃن

 ڪنڌڪوٽ واسي عظيم ميڻڪ، فرحان سومرو، ڪوثر کوسو، نازيا کوسو، صداقت حاجاڻو، عليشبا چنا سوڌو 31 مغوين جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي

جڏهن ته 25 ڏينھن اڳ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد پي پي ايل جي کوھن جي حفاظت لاءِ مقرر ايف سي اھلڪار خالد خان پٺاڻ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آهي، وارثن انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي جيڪو 32 ڪلاڪن کان جاري آهي

ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون آهن جنھن ڪري مسافرن کي سخت مشڪلاتن مان گذرڻو پئجي رهيو آهي

ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 25 ڏينھن گذري ويا آھن پوليس صرف خالي آسرا دلاسا ڏيئي رھي آھي، پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي

سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته جلد خالد خان پٺاڻ کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو

Leave A Comment