ڪنڌ ڪوٽ:ڪچي ۾ 5 مهينن کان آپريشن هلندڙ:پوليس اهم ڪاميابي ماڻڻ ۾ ناڪام

جُون 5, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف 5 مهينن کان آپريشن هلندڙ آهي پر پوليس اڃا تائين ڪابه اهم ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آهي

دراني مهر جي ڪچي ۾ جاري پوليس آپريشن جي مهينن دوران 12 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن

آپريشن ۾ پوليس ڪوبه انعام يافتا ڌاڙيل ماري نه سگهي آهي  نه ئي ڪا وڏي گرفتار ڪري سگهي  آهي جنهن سبب پوليس جي ان آپريشن ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن

هي به پڙهندا

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن کي بااثر  ماڻهن ۽ پوليس ۾ موجود ڪجهه ڪارين رڍن جي پٺڀرائي حاصل ٿيل آهي جنهن سبب اهي ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ ئي اتان نڪري وڃن ٿا يا وري پوري تياري سان پوليس تي حملو ڪري ڏين ٿا

آپريشن ۾ هن وقت تائين پوليس کي ئي نقصان پهتو آهي جڏهن ته آپريشن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ به ٿي چڪا آهن، آءِ جي سنڌ سميت پوليس آفيسر پنهنجي ئي رسا ڪشي ۾ پورا آهن

Leave A Comment