ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ٻن ڳوٺن مان اغوا ڪيل 3 پورهيت بازياب نه ٿيا، گهرن ۾ ماتم متل آهي جڏهن ته وارثن ۽ ڳوٺاڻن ڌرڻو هڻن جي ڌمڪي ڌئي ڇڏي آهي
گذريل ڏينھن ڌاڙيلن ڳوٺ فقيرمحمدگولوواسي پورھيت نوجوان سرڪار گولو ۽ ڳوٺ بگن قمبراڻي واسي 2 نوجوان فاروق ۽ الله رکيو قمبراڻي کي اغوا ڪري ويا هئا
ٽنهي پورهيتن جي بازياب نه ٿيڻ سبب سندن گهرن ۾ ماتم متل آهي، وارث عورتون هنجون هاري رهيون آهن پر پوليس پورهيتن جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي
ھوڏانھن ٽنهي پورهيتن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوي بازياب ڪرائي ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو