| ڪنگز مين ڪپتان مارنوس لبوشين جو حيدرآباد واسين لاءِ هو جمالو“ جي نعري سان انوکو پيغام جاري |
حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) حيدرآباد ڪنگزمين جي ڪپتان مارنوس لبوشين چيو آهي ته هو پي ايس ايل جي يارهين ايڊيشن۾ حيدرآباد ٽيم جي قيادت ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهي. سوشل ميڊيا تي حيدرآباد واسين لاءِ جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ مارنوس لبوشين حيدرآباد ٽيم جي قيادت ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پي ايس ايل سيزن 11 ۾ حيدرآباد ٽيم جي قيادت ڪرڻ لاءِ هو پرجوش آهي ۽ ٽيم سان شامل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. مارنوس لبوشين وڌيڪ چيو ته حيدرآباد جا مداح پنهنجي ٽيم کي ڀرپور سپورٽ ڪن ڇاڪاڻ ته اها پهريون ڀيرو پي ايس ايل ۾ شامل ٿي رهي آهي ۽ هن ساڳئي وقت ”ٿي وڃي هو جمالو“ جو نعرو پڻ لڳايو.