ڪنگنارناوت نصيرالدين شاهه کي لومڙ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪنگنارناوت نصيرالدين شاهه کي لومڙ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي هاٽ ڪيڪ رهندڙ ڪنگنا راونت سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه ۽ پيوش مشرا وچ ۾ جاري لفظي جنگ دوران اداڪار جي مخالفت ڪندي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو. اهو  تڪرار ان وقت شروع ٿيو، جڏهن نصيرالدين شاهه شاگردن جي احتجاج تي بالي ووڊ جي خاموشيءَ تي تنقيد ڪندي فلم انڊسٽري جو مقابلو اهڙي ”ڪتي“ سان ڪيو، جيڪو وات ۾ هڏي هجڻ سبب ڀونڪي نٿو سگهي، نصيرالدين شاهه جي اهڙي بيان تي پيوش سوال اٿاريندي چيو ته ڀڙڪيلا بيان ڏيندڙ نصير الدين شاهه  شاگردن جي  احتجاج وقت  ڪٿي موجود هو.؟ پيوش مشرا جي بيان بعد ڪنگنا روانت پڻ ميدا ن ۾ا چي وئي، هن  نصيرالدين شاهه تي تنقيد ڪندي چيو ته هو نصيرالدين شاهه کي ڪتي بجاءِ لومڙ سان ڀيٽي ٿي، ڇاڪاڻ ته وفاداريءَ جي حوالي سان ڪتي سان مشابهت ملڻ به فخر جهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.