| ڪنگنا ڀارتي جين زي کي گٽر جنريشن قرار ڏئي ڇڏيو |
نئين دهلي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره ۽ پارليامينٽ ميمبر ڪنگنا رناوت ڀارت جي جين زي کي گٽر جنريشن قرار ڏئي ڇڏيو، نئين دهليءَ ۾ شاگردن جي تنظيم ڪاڪروچ جنتا پارٽي (CJP) پاران پيپر ليڪ جي معاملي تي سخت احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران پوليس پاران شاگردن تي لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل پڻ وسايا ويا. پر تنظيم جي سخت احتجاج سبب ڀارت جي تعليمي وزير کي استعيفس ڏيڻي پئي. ان حوالي سان اداڪاره ڪنگنا احتجاج دوران استعمال ٿيندڙ ٻولي، پلي ڪارڊز ۽ سوشل ميڊيا ريلز تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ڪنگنا انسٽاگرام اسٽوريءَ تي لکيو ته: “مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هڪ ئي جڳهه تي ايتري بدصورتي ناهي ڏٺي. جنريشن زي جي احتجاجن جون هي ريلز ڏسي الٽي ٿئي ٿي. انهن جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ جنهن قسم جي ٻولي اهي استعمال ڪري رهيا آهن، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هڪ ئي وقت ڪنهن وڊيو کي ايترو خراب ناهي ڏٺو. ان کانپوءِ بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر مظاهرين جي تربيت تي سوال اٿاريندي چيو ته آخر کين جنم ڪير ڏئي رهيو آهي ۽ انهن جي پرورش ڪير ڪري رهيو آهي؟ هن اهو به لکيو ته: “ڀارت خوبصورت ماڻهن جو ديس آهي، توهان پاڻ کي ڪاڪروچ چئو ٿا ۽ ڏسجو يا ورتاءُ به بلڪل ڪاڪروچن جهڙو ئي ڪريو ٿا. ان ۾ ڪو تضاد يا انوکو ڪجهه ناهي، بلڪه هي دنيا کي پنهنجي غلاظت، ڪچري ۽ بدصورتيءَ ڏيکاري رهيا آهن، هنن وڊيوز کي ڏسي شديد ذهني نفرت جو شڪار ٿي آهيان، مون کي هاڻي ڪجهه ڊجيٽل دنيا کان پري رهڻ جي ضرورت آهي، اهي پڙهائيءَ لکائيءَ ۾ سٺا ناهن، اهي ايترا بدصورت ۽ بدڪردار آهن جو گھر سنڀالڻ جي به قابل ناهن.