زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن کي سڌي ريت ڳالهائيندي ٻڌو آهي، ٽي وي تي ڏٺو آهي، پر ڪنگ چارلس جو آمريڪي ڪانگريس کي خطاب هڪ ماسٽر ڪلاس هو. جيڪڏهن ڏسي سگهو ته ضرور ڏسو، نيڪسٽ ليول!!
28 اپريل جي شام لنڊن ۾ آئون پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هئس۔ موسم بدليل …، ٻاهر هلڪي جھڙڦڙ، چانهه جو ڪوپ ٿڌو ٿي رهيو هو، ۽ ٽيليويزن تي سي اين اين جي سڌي نشريات هلث رھي ھئي. اسڪرين تي واشنگٽن جو ڪيپيٽل هل هو، ۽ ڪانگريس جي گڏيل اجلاس ۾ شاهه چارلس ٽيون اسٽيج تي داخل ٿي رهيو هو۔ پٺيان ڊائوننگ اسٽريٽ جو وزيراعظم نه هو، ساڻ ڪو ڪابينا جو وفد نه هو، رڳو راڻي ڪيميلا، ۽ بڪنگهم پيليس جو روايتي پروٽوڪول.
ٽرمپ اسپيڪر جي ڪرسيءَ جي کاٻي پاسي بيٺو هو، چهري تي ساڳي فاتحانه مرڪ، جيڪا هو هر اهم تقريب ۾ چھري تي آڻيندو آهي، ڄڻ ته اها تقريب سندس اعزاز ۾ ٿي رهي هجي۔ آمريڪي نائب صدر ۽ اسپيڪر آف دي هائوس مائڪ جانسن ساڄي پاسي۔ ڪانگريس مين، سينيٽر، فوجي جنرل، سپريم ڪورٽ جا جج، سڀ اٿي بيهي تاڙيون وڄائي رهيا هئا۔ آمريڪي تاريخ ۾ اهو نائون موقعو هو، جڏهن ڪنهن برطانوي بادشاهه ڪانگريس کي سڌو خطاب ڪيو، ۽ شاهه چارلس لاءِ اهو پهريون موقعو هو۔
بادشاهه پوڊيم تائين پهچي هڪ لمحو ترسيو۔ مٿي کي ھلڪو لوڏيائين. ٽرمپ کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪندي ڳالھائڻ شروع ڪري ڇڏيائين۔ جھيڻو آواز، پروقار، ۽ اهڙو انگريزي لهجو جيڪو پنج سئو سالن جي تربيت مان اسريو هجي، جيڪو سکي نٿو سگھجي، پر وراثت ۾ ملي ٿو۔
تقرير 41 منٽن جي هئي۔ ان دوران 14 ڀيرا هال ۾ سڀني گڏجي اٿي بيهي تاڙيون وڄايون (اسٽينڊنگ اوويشن) ۔ اهو ڪانگريس جي روايت ۾ ڪنهن به غير آمريڪي مقرر لاءِ هڪ معيار کان به وڌيڪ بلند ترين تعداد آهي۔ ۽ هر ’اسٽينڊنگ اوويشن‘ هڪ خاص جملي تي آئي، ۽ هر جملو هڪ بادشاهي پيغام هو، ڄڻ چانهه جي ٻاڦ سان ڀريل تير۔
پهريون تير ٻئي ئي منٽ ۾ هليو۔ شاهه چيو: “ٽي سئو سال اڳ منهنجن ابن ڏاڏن توهانجن ابن ڏاڏن سان هڪ ضروري صلاح ڪئي هئي۔ اها صلاح هيءَ هئي ته بادشاهت کان فاصلو رکڻ گهرجي۔ اڄ مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مان ان صلاح سان مڪمل طور متفق آهيان”۔ هال ۾ هڪ سيڪنڊ جي ماٺار۔ پوءِ کل۔ پوءِ تاڙيون۔ پهرين اسٽينڊنگ اوويشن۔ اهو برطانوي مزاح جو ڪلاسڪ… ڪسرنفسي وارو انداز هو، يعني پاڻ تي پاڻ ئي چٿر ڪرڻ۔ ۽ لڪل پيغام؟ “اسان سکيو آهي، توهان کي به سکڻ گهرجي”۔
پوءِ ڪنهن موڙ تي اهو مرڪزي جملو آيو: “هڪ ماڻهوءَ جي مرضيءَ سان نه، پر ڪيترن جي صلاح سان”
“نوٽ باءِ دي وِل آف ون، بٽ باءِ دي ڊيليبريشن آف ميني”
هال ۾ ٻه سيڪنڊ ماٺار رهي۔ پوءِ تاڙيون۔ پر اهي تاڙيون اڳين جهڙيون نه هيون۔ اهي اهڙيون هيون ڄڻ هال پهرين جملو ٻڌو، پوءِ سمجهيو، پوءِ ياد آيو ته اهو جملو ڪنهن بابت هو، ۽ پوءِ تاڙيون وڄايون۔ ڪيمرا ٽرمپ ڏانهن مڙي ويئي۔ ٽرمپ به تاڙيون وڄايون، پر هڪ لمحو دير سان۔ انهيءَ هڪ لمحي ۾ دنيا جي سفارتي مبصرن- چاهي اهس گارجين جو ٽم نيلر هجي، يا واشنگٽن پوسٽ جي اين ايپل بام، يا فنانشل ٽائمز جي گديون رچمن- سڀني اهو نوٽ ڪيو:
“بادشاهه ته ڳالهه ڪري چڪو هو، ۽ صدر اڃا ان کي سمجهي ئي نه سگهيو”۔
پنجين اسٽينڊنگ اوويشن تي شاهه ميگنا ڪارٽا جو ذڪر ڪيو۔
“1215ع ۾ هڪ ڪمزور بادشاهه کي، هڪ طاقتور ٽولي، هڪ ڪاغذ جي ٽڪري تي صحي ڪرڻ تي مجبور ڪيو۔ بادشاهه جو نالو ڪنگ جان هو، ۽ اهو بادشاهه تمام ناراض هو۔”
هتي شاهه هڪ سيڪنڊ جو توقف ڪيو، اکين ۾ ٿوري شرارتي مرڪ آئي، ۽ چيائين:
“مان پنهنجي هڪ وڏڙي جو دفاع ڪرڻ نه آيو آهيان۔ پر اُن ڪاغذ، توهان جو آئين، ۽ توهان جي باني اڳواڻن جو سڄو فلسفو، صدين بعد ممڪن بڻايو۔”
هال ٽھڪن سان گونجي اُٿيو۔ ٽرمپ به کلڻ لڳو، پر اها کل تڏهن آئي، جڏهن هن کي سمجهه ۾ اچي چڪو هو ته “ناراض بادشاهه” جو ذڪر صرف تاريخي نه، پر موجوده حوالي سان هو۔
پوءِ اٺين اسٽينڊنگ اوويشن تي بادشاهه اهڙو برطانوي مذاق ڪيو جو ٽرمپ به کلڻ کان رهي نه سگهيو۔
“اسان 1773ع ۾ توهان کي پنهنجي بهترين چانهه موڪلي هئي،” شاهه چيو، “۽ توهان اُن کي بوسٽن جي بندرگاهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو۔”
ٿورڙو وقفو….۔
“هاڻي جڏهن به مان چانهه جو ڪوپ کڻان ٿو، ته سوچيندو آهيان، شايد اسان توهان کي پنهنجي بهترين نه، پر خراب چانهه موڪلي هئي۔ توهان جي ردِعمل مان ته ائين ئي لڳي ٿو۔”
هال ۾ کل جا ڪوڪريا۔ اهو برطانوي ’ڊرائي هيومر‘ هو۔ ٽي سئو سال پراڻي شڪست جو ذڪر، پاڻ تي هلڪي تنقيد، ۽ لڪل طور اها ياد ڏيارڻ ته:
“توهان به ته ڪڏهن اسان جي چانهه تان ناراض ٿي بغاوت ڪئي هئي، ته اڄ جڏهن توهان جا پنهنجا ادارا ناراض ٿي رهيا آهن، ته ٿورو غور ڪريو۔”
ڏهين اسٽينڊنگ اوويشن ونسٽن چرچل جي هڪ پراڻي جملي تي آئي، جنهن کي شاهه نئين رنگ ۾ پيش ڪيو۔
چرچل چيو هو:
“آمريڪين تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، اهي هميشه صحيح ڪم ڪندا آهن- باقي سڀ ڪجهه آزمان کان پوءِ۔”
شاهه اهو جملو ورجايو، ۽ پوءِ هلڪي شرارت سان چيائين:
“مان توهان لاءِ دعا ٿو ڪريان ته توهان ’باقي سڀ ڪجهه‘ گهڻي وقت تائين نه آزمائيندا۔”
ٽرمپ جو چهرو هڪ سيڪنڊ لاءِ ڳاڙهو ٽامڻي ٿي ويو، پوءِ معمول تي اچي ويو۔ پر انهيء هڪ سيڪنڊ سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو۔
تيرهين اسٽينڊنگ اوويشن انسانيت جي گڏيل ورثي تي هئي۔
“اسان برطانيا ۾ ڇهه سئو سالن ۾ سکيو ته بادشاهت هڪ علامتي ادارو ٿي سگهي ٿي، ۽ پارليامينٽ ئي اصل اقتدار جي جاءِ آهي،” شاهه چيو، “توهان اها ڳالهه اڍائي سئو سال اڳ سکي هئي، ۽ پنهنجي باني اڳواڻن ان کي پنهنجي آئين ۾ لکيو۔ اسان دير سان سکڻ وارا هئاسين، توهان تيز سکڻ وارا۔ پر سکيو ته ٻنهي آهي۔ سوال اهو آهي ته اسان مان ڪو اهو سبق وساري ته نه رهيو آهي؟”
هي آخري جملو – “اسان مان ڪو اهو سبق وساري ته نه رهيو آهي” – سڄي دوري جو نچوڙ هو۔ ڪنهن جو نالو نه، ڪنهن تي سڌي تنقيد نه، صرف هڪ سوال، جيڪو هوا ۾ ڇڏيو ويو۔ هر ڪانگريس ميمبر ان کي پنهنجي لاءِ ٻڌو۔ هر سينيٽر پنهنجي پارٽي لاءِ ٻڌو۔ هر ڪئميرا ٽرمپ تي هڪ نھار وجهندي گذري وئي۔ پر بادشاهه هڪ ڀيرو به ٽرمپ ڏانهن نه ڏٺو۔
هاڻي اچو ته هن صورتحال کي ٽن پرتن ۾ ڏسون۔ پهرين پرت اها آهي ته بادشاهه چارلس (ٽيون) ڪنهن اڪيلي دوري تي نه آيو ھو۔ ھي اپريل 2026ع جو اهو نازڪ وقت آهي جڏهن ٽرمپ جو “ماگا” (ميڪ امريڪا گريٽ اگين) بنياد ٽٽي رهيو آهي۔ ٽڪر ڪارلوس، اسٽيو بينن، ۽ ريپبلڪن پارٽي جو هڪ حصو کلي عام ٽرمپ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري چڪو آهي۔
يورپي اتحادي- خاص طور تي اٽليءَ جي جورجيا ميلوني ۽ ھنگريء جو وڪٽر اوربان – جيڪي هيستائين ٽرمپ جا ساٿي هئا، هاڻي فاصلو اختيار ڪري رهيا آهن۔ ڪانگريس ۾ ايران خلاف جنگ جي مخالفت ۾ خط لکجي چڪو آهي۔ ڊائون جونز 48 ڪلاڪن ۾ ٻه هزار پوائنٽس ڪري چڪو آهي۔ ٽرمپ جي ’بادشاھي‘ دٻاءُ هيٺ آهي۔ اهڙي وقت ۾ برطانوي بادشاهه جو واشنگٽن پهچڻ ڪو اتفاق ناهي۔ اهو هڪ اهڙو اشارو آهي جنهن جي رٿابندي ڊائوننگ اسٽريٽ، فارين آفيس ۽ بڪنگهم پيليس ڪئين مھينا اڳ ڪئي هئي۔ پيغام صاف هو:
“اسان توهان جا اتحادي آهيون، پر اسان آئين جي روايت جا به پاسبان آهيون۔ توهان سان دوستي نڀائينداسين، پر توهان جي اخلاقي ترڪڻ ۾ ساٿ نه ڏينداسين۔”
ٻي پرت وڌيڪ دلچسپ آهي۔ شاهه چارلس (ٽيون) پاڻ ڪو فرشتو ناهن۔ شھزادي ڊيانا جو پاڇو اڄ به ان جي ڪلهن تي آهي۔ ميگھن مارڪل سان خاندان جي رويي تي سڄي دنيا ۾ سوال اٿيا آهن۔ ڪيميلا جو پٽ راڻي بڻجڻ به اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن تي برطانوي عوام جو وڏو حصو اڄ به ارھو آهي۔ ۽ سڀ کان اهم، برطانوي بيٺڪيتن جو تاريخي بار- چاهي اهو 1943 وارو بنگال جو ڏڪار هجي، ڪينيا جو مَؤ مَؤ Mau Mau Uprising هجي، يا گڏيل ھندستان جو ورھاڱو – شاھي خاندان جي بنيادن تان اڃا تائين مڪمل طور ختم نه ٿيو آهي۔
اهي سڀ ڳالهيون درست آهن۔ پر هتي به هڪ سبق آهي:
انسان پنهنجي ذاتي ڪمزورين باوجود، پنهنجي اداري جي روايت جو پاسدار ٿي سگهي ٿو۔ شاهه چارلس اهو سبق ڏئي رهيو هو، جيڪو برطانوي شاهي خاندان سترهين صديءَ کان سکيو آهي۔ جڏهن چارلس (پھريون) ڳالهه نه مڃي، ته سندس سر قلم ڪيو ويو۔ بادشاهه سکيا۔ اڄ برطانوي بادشاهه علامتي حيثيت رکي ٿو، اصل طاقت پارليامينٽ وٽ آهي، ۽ بادشاهه ان ڳالهه تي ناراض نه، پر مطمئن آهي۔ اداري جي موت جو خوف، اقتدار وڃائڻ جي غم کان وڏو هوندو آهي۔
ٽرمپ جي آمريڪا ۾ هن وقت ابتو سفر هلي رهيو آهي۔ اتي صدر، ڪانگريس، عدليه، ۽ ادارا آهستي آهستي هڪ شخص جي مرضي ڏانهن جهڪندا پيا وڃن۔ ايگزيڪيوٽو آرڊرن جو تعداد هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ، عدالتي فيصلا غير مؤثر، ڪانگريس ڪمزور، ۽ صدارتي رهائشگاهن کي ٻيهر شاهانه انداز ۾ سينگاريو پيو وڃي۔ ’ٽرمپ هائوس‘، ’ٽرمپ ٽاور‘، ٽرمپ آرگنائيزيشن۔ ٽي سئو سال اڳ يورپ جي بادشاهن جو به اهو ئي شوق هو، ۽ اهو ئي شوق سندن عروج ۽ زوال جو سبب بڻيو۔ ۽ هتي شاهه چارلس جو جملو هڪ تاريخي آئينو بڻجي ٿو:
“هڪ جي مرضي سان نه، پر گھڻن جي صلاح سان۔” يعني، جناب صدر، توهان جو ملڪ انهيء اصول تي ٺهيو هو. توهان بادشاهت کان ڀڄي هتي پهتا هئا، ۽ هاڻي وري ساڳي بادشاهت ڏانهن موٽي رهيا آهيو، جنهن کان توهان جا ابا ڏاڏا ڀڳا هئا۔ ٿورو ترسو، ۽ سوچيو۔
ٽئين پرت، شايد سڀ کان دلچسپ، اها آهي ته شاهه چارلس سڌي تنقيد نه ڪئي۔ تنقيد بادشاهه جو شان نه هوندي آهي۔ بادشاهه جو شان هوندو آهي آئينو ڏيکارڻ – ۽ اهو ڪم هن وڏي نفاست سان ڪيو۔ ھي اهو هنر آهي، جيڪو شايد اسان جا سفارتڪار ڪڏهن به نه سکي سگهندا۔ اسان وٽ جيڪڏهن ڪو پيغام ڏيڻ هجي، ته ٽن ڪلاڪن جي پريس ڪانفرنس سڏايون ٿا، نالا وٺي تنقيد ڪريون ٿا، پوءِ معافي گهرون ٿا، ۽ پوءِ وري معافي واپس وٺون ٿا۔
شاهه 41 منٽن ۾، 14 ڀيرا تاڙين جي گونج سان، بغير ڪنهن جو نالو وٺڻ جي، اهڙا جملا چئي ويو، جيڪي ٻئي ڏينهن سڄي دنيا جي اخبارن جون شھہ سرخيون بڻيا۔
۽ هتي برطانوي مزاح جو ڪمال ڏسو۔ مزاح هڪ بادشاهه جو هٿيار آهي، ۽ ان هٿيار جي ڌار ايتري نفيس هوندي آهي، جو چھڪ به اچي وڃي ٿو، پر رتي رتي نه سنجري. آمريڪي صدر تنقيد جو جواب گار سان ڏين ٿا۔ روسي صدر زهر سان۔ چيني قيادت خاموشيءَ سان۔ پر برطانوي شاهه مذاق سان جواب ڏين ٿا۔
“ناراض بادشاهه”، “سراسري چانهه”، “باقي سڀ ڪجهه گهڻي وقت تائين نه آزمائجو” – اهي ٽيئي جملا ظاهر ۾ مذاق، پر اندر ۾ تير هئا۔ ۽ ٻڌندڙ کلڻ کان رهي نٿو سگهي، ڇو ته جيڪڏهن نه کلي، ته سڀني کي خبر پئجي وڃي ته تير انهيءَ ڏانهن هو۔
هاڻي هڪ پاڪستاني پاسو۔ مون کي 2011ع جو اهو منظر ياد آهي جڏهن وزيراعظم يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ هڪ سانجھاندي ۾ شرڪت ڪئي هئي، ۽ هڪ برطانوي صحافي کانئس هڪ تلخ سوال ڪيو هو۔ گيلاني صاحب جو جواب پنجن منٽن جو هو، ٽي ڀيرا موضوع تبديل ڪيو، چار ڀيرا “الله الله” چيو، ۽ آخر ۾ کيس پنهنجو بيان ئي واپس وٺڻو پيو۔
ان جي مقابلي ۾ شاهه چارلس (ٽيون) جو اهو خطاب ڏسو۔ ٻوليءَ ۾ طاقت به هئي ۽ ادب به۔ پيغام لڪل به هو ۽ پهتو به۔ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه، خوداعتمادي ھئي – تڪبر نه۔ اهو ئي فرق آهي جيڪو ادارا ٺاهي ٿو، ۽ اهو ئي فرق آهي جيڪو ادارا ڊاهي ٿو۔ شاهه چارلس جو اھو ڪو ذاتي گڻ ڪونھي؛ انھن وٽ پنج سئو سالن جي روايت، تربيت، انداز، ۽ اسٽيچ ڪرافٽ آهي۔ اها روايت سوين سالن ۾ ٺهي ٿي، ۽ سوين سالن ۾ ئي ٺهي سگهي ٿي – تيار ٿيل نه ملندي آهي۔
ٽرمپ وٽ اها روايت ناهي، ۽ هو ان کي هڪ ٽوئيٽ سان ٺاهڻ چاهي ٿو۔ پر ٽوئيٽ سان ادارا ناهن ٺهندا۔ ادارا ٺاهڻ لاءِ صدين جي پابندي، ضابطن سان محبت، ۽ پاڻ کي عاجزيءَ جي صلاحيت گهرجي۔ ٽرمپ وٽ اهي ٽئي شيون ناهن۔ انڪري جڏهن هو شاهه چارلس سان گڏ بيٺو، ته وڏو لڳڻ بدران ننڍو لڳو۔ وزن وڌيڪ هئڻ باوجود هلڪو لڳو۔ گهڻين تاڙين باوجود اڪيلو لڳو۔ ۽ اهو منظر آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر به محسوس ڪري رهيا هئا۔ سي اين اين جي ڪئميرا سينيٽر مٽ رومني جو چهرو ڏيکاريو، جيڪو هاڻي رٽائر ٿي چڪو آهي پر مهمانن جي گيلري ۾ موجود هو۔ رومني مٿي کي هلڪو لوڏيو، ڄڻ چئي رهيو هجي: “ها، اهو اسان سڀني کي ٻڌڻ جي ضرورت هئي”۔
ڊيموڪريٽڪ سينيٽر چڪ شومر جا نيڻ ڀنل لڳي رهيا هئا۔ اسپيڪر مائيڪ جانسن، جيڪو ٽرمپ جو ويجهو ساٿي آهي، چهري تي هڪ عجيب بيچينيءَ سان تاڙيون وڄائي رهيو هو۔ هال پيغام ٻڌو، ۽ هر ڪنهن پنهنجي سمجھ مطابق ٻڌو۔
تقريب کان پوءِ بڪنگهم پيليس جي روايتي سانجھاندي جي تقريب ٿيو۔ ٽرمپ آيو، تصويرون ڪڍيون ويون، کل ڀوڳ ٿيو۔ پر صبح اخبارن جي سرخي هڪ ئي هئي۔ دي ٽائمز، دي ڊيلي ٽيليگراف، دي گارجيئن ۽ فنانشل ٽائمز – سڀني ساڳيو جملو سرخي بڻايو: “هڪ جي مرضيءَ سان نه، پر گھڻن جي مشاورت سان”۔ دي نيو يارڪ ٽائمز هڪ ادارتي مضمون۾ لکيو:
“هڪ بادشاهه آمريڪا کي اهو سبق ياد ڏياريو، جيڪو آمريڪا پنهنجن باني اڳواڻن وارو اھو سبق وساري ڇڏيو هو”۔ دي واشنگٽن پوسٽ لکيو:
“جيڪڏهن اهو ڪنهن برطانوي وزيراعظم چيو هجي ها، ته بحران پيدا ٿئي ها۔ بادشاهه چيو، ته اهو هڪ ’سفارتي وضاحت‘ بڻجي ويو”۔
۽ بي بي سي جي صحافڻ لارا ڪؤئنز برگ هڪ سادي ڳالهه لکي:
“بادشاهت واپس نه آئي آهي، پر بادشاهت جي روايت واپس آئي آهي”۔
يعني، اسان کي چارلس جي بادشاهه هئڻ سان گهٽ دلچسپي آهي، ۽ ان روايت سان وڌيڪ، جنهن جو هو اڄ امين آهي۔
هاڻي ڪانگريس جي اُن عمارت ۾ رات ٿي چڪي آهي۔ مهمان هليا ويا آهن۔ ڪيپيٽل ھل جا ٿنڀا خاموش آهن۔ پر آئينو اڃا به اُتي ئي رکيل آهي، جتي شاهه رکي ڇڏيو هو۔ ايندڙ ڏينهن ۾ جڏهن ڪو ايگزيڪيوٽو آرڊر صحي ڪيو ويندو، جڏهن ڪو فيصلو هڪ ماڻهوءَ جي مرضيءَ سان ڪيو ويندو، تڏهن اهو آئينو خاموشيءَ سان چوندو:
“هڪ جي مرضي سان نه، پر گھڻن جي مشاورت سان۔”
شايد اهو ٻڌو ويندو، يا شايد نه۔ پر آئينو کڻي بيهڻ واري جو ڪم صرف آئينو کڻي بيهڻ هوندو آهي۔ ان ۾ چهرو نظر اچي يا نه اچي- اهو سامهون بيٺل شخص جو پنهنجو مسئلو آهي۔