ڪهڙا ڪم ڪيا آهن؟ وزيراعليٰ سنڌ پاران سمورن کاتن کان 5 ورهين جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب

جُولاءِ 20, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سمورن سرڪاري کاتن کان 5 سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪري ورتي

وڏي وزير مراد علي شاهه 5  سالن ۾ مڪمل ڪيل منصوبن ۽ هلندڙ منصوبن جي رپورٽ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

وڏي وزير جي هدايتن کانپوءِ تعليم، صحت، ۽ لائيو اسٽاڪ سميت ٻين کاتن ڪارڪردگي رپورٽ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي

وڏي وزير سمورن کاتن جي سيڪريٽريز کي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري کاتن کي ڪارڪردگي رپورٽ جي ويڊيو ڊاڪيومينٽري به تيار ڪري ڏني وڃي

Leave A Comment