| ڪهڙو چيف جسٽس جوڊيشل ڪميشن جو چيئرمين؟ ترميم تجويز |
اسلام آباد: 27 آئيني ترميم ۾ وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري واري اداري جوڊيشل ڪميشن جا ميمبر هوندا، انهن مان ڪير جوڊيشنل ڪميشن جو چيئرمين ٿيندو بابت ترميم تجويز ڪئي وئي آھي، آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻنهي مان چيف جسٽس جي مقرري واري تاريخ جي حساب سان جيڪو سينئر هوندو اهو چيئرمين ٿي سگهندو، اگر ٻنهي جي مقرري جي تاريخ هڪ آهي ته پوءِ ٻنهي مان هاءِ ڪورٽ جج مقرر ٿيڻ ۾ جيڪو سينئر هوندو اهو چيئرمين ٿي سگهندو.