دادو (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سردار چانڊيو جو به عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي اهلڪار کي تلاشي نه ڏيڻ واري مامري تي ردعمل سامهون اچي ويو آهي
سردار چانڊيو اهلڪار کي تلاشي نه ڏيڻ واري مامري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مون ڪنهن کي بندوق ته ڪونه هنئي آهي، نه وري ڪنهن سان وڙهيو آهيان
سردار چانڊيو چيو ته رڳو اهلڪار جو هٿ پري ڪيو آهي، هن چيو ته پهريان صوبيدار تلاشي ورتي ٻيو وري تلاشي ڇو پيو وٺي؟