| ڪوآپريٽو کاتي جي رجسٽرار واجد شيخ خلاف جاچ شروع |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪوآپريٽو کاتي جي رجسٽرار واجد شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن پاران جاچ شروع ڪري ڇڏي، صلاحڪار احسان مزاري جو پي ايس فيضان کھڙو گھر ڀيڙو، ان ڏس ۾ ڪوآپريٽو کاتي جي رجسٽرار عبدالواجد شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي. اينٽي ڪرپشن جي ڊي جي امتياز ابڙو ايسٽ زون جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي خط لکي چيو آهي ته رجسٽرار واجد شيخ خلاف داخل شڪايتن جي جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي، هوڏانهن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ درخواستون داخل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ڊيپوٽيشن تي مقرر صلاحڪار احسان مزاري جي پي ايس فيضان عنايت کھڙو کي ھٽائي پنھنجي اصل کاتي پاپوليشن ڏانھن اماڻي ڇڏيو.