| ڪوئلي تي “ڪارا نانگ” ويهي رهيا، ڪير به ٿر جي رڙ نٿو ٻڌي: “ڪلائميٽ مارچ” اسلام ڪوٽ پهتو |
اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿر سٽيزن فورم پاران موسمياتي آگاھي جي سلسلي ۾ ڏيپلي کان نڪتل مارچ اسلام ڪوٽ پھتو، ٿر سٽيزن فورم پاران نڪتل “ٿر ڪلائميٽ مارچ” ڏيپلو مان ٽئين ڏينهن نڪتو جيڪو موٽرسائيڪل ۽ گاڏين ۾ سفر طئي ڪري اسلام ڪوٽ پهتو ،اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪلائميٽ مارچ کي خطاب ڪندي ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو،حاجي مهراڻپوٽو علي نواز مهراڻ پوٽو،الهداد هنگورجو،حافظ محمد جوڻيجو،ساجن چارو،قربان سميجو،رميش ميگھواڙ،نھال مھراڻپوٽو،سبحان لنجو،اعجاز بجير ۽ ٻين چيو ته ٿر جي ماحول کي حڪمرانن هٿ وٺي ڪمپني مافيا سان ملي تباھ ڪري رهيا آهن،ڪول پروجيڪٽن ۾ مقامي ماڻهن کان زمين وٺي،جر جو پاڻي خراب ڪري بي گهر ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڪمپنيون عوام دشمن بڻجي ٿر جي فطري حسن کي بگاڙي ڇڏيو آھي، اسانجي فطرت ۽ ماحول صاف سٿرو بڻجي سگهي،مارچ ۾ شامل بلاڪ ون،بلاڪ ٽو ۽ گوڙاڻو جي متاثرين ڳالھائيندي چيو ته گوڙاڻي ڊيم ۾ اسان جون ٻنيون آھن انھن جا اسان کي پئسا ناھن مليا،ڪمپني اسان جا مزدور نٿي لڳائي، اسان جا چونڊيل نمائيندا رڙ نه ٿا ٻڌن،ڪمپنيون ظلم ڪري رھيون آھن، بلاڪ ون مان پورھيت مزدورن کي روزگار مان ڪڍيو ويو آھي، مارچ ننگرپارڪر، ڇاڇرو کان ٿيندو 29 نومبر تي مٺي پهچندو.