ڪوئلي مان ماحول دوست بجلي پيدا ڪندڙ بيٽري تيار

ڪوئلي مان ماحول دوست بجلي پيدا ڪندڙ بيٽري تيار

بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) سڄي دنيا ڀر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي، پر هن عمل سان هوا جي آلودگي وڌي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿئي ٿي.ڪوئلي مان بجلي حاصل ڪرڻ جي لاڳت گهٽ هوندي آهي، تنهنڪري ان جو استعمال وڌيڪ ڪيو ويندو آهي. پر چين ۾ سائنسدانن ڪوئلي مان بجلي حاصل ڪرڻ جو ماحول دوست طريقو ممڪن بڻايو آهي. انهن اهڙي بيٽري جهڙي ڊيوائس تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪوئلو ساڙڻ جي ضرورت ناهي هوندي، بلڪه اهو سسٽم ڪوئلي جي ڪيميائي توانائي کي بجلي ۾ تبديل ڪري ٿو، جنهن سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج نه ٿو ٿئي. شينزين يونيورسٽي جي سائنسدانن هن بيٽري جي تياري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ان کي ڪوئلي جو فيول سيل نالو ڏنو ويو آهي. سائنسدانن موجب هي طريقو بيٽري سان ڪوئلي کي برقي ڪيميائي توانائي جي ذريعي طور استعمال ڪري ٿو ۽ ان کي ساڙي نٿو. انهن ٻڌايو ته هن سسٽم ۾ ڪوئلو گهڻ رخي عمل مان گذري ٿو، جنهن کان پوءِ بجلي پيدا ٿئي ٿي. سيل جي اندر ڪوئلي جا ذرڙا پيچيده عمل مان گذري بجلي پيدا ڪن ٿا ۽ روايتي طريقي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي ضرورت نٿي رهي. سائنسدانن ٻڌايو ته هن سسٽم ۾ توانائي به ضايع نٿي ٿئي، جيڪا عام طور ڪوئلو ساڙڻ دوران ضايع ٿي وڃي ٿي. في الحال هي هڪ ڪانسيپٽ سسٽم آهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.