ڪوئلي وارا پاور پلانٽ ٿرڪول تي منتقل ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي مڪمل: ريلوي لائين تي ڪم جاري

ڪوئلي وارا پاور پلانٽ ٿرڪول تي منتقل ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي مڪمل: ريلوي لائين تي ڪم جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن بابت جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاور سيڪٽر تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۽ پيداوار ڪندڙ ڪمپنين (جينڪوز) جي نجڪاري واري عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بجلي جي نظام جي نجڪاري ذريعي ملڪ ۾ مقابلي تي ٻڌل بجلي جي مارڪيٽ جو قيام ئي توانائي جي مسئلن جو پائيدار حل آهي۔ وزيراعظم بجلي جي ترسيل نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ بجلي جي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي شموليت سان ڪم شروع ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار، ترسيل، ڊسڪوز ۽ جينڪوز جي نجڪاري ۽ پاور سيڪٽر ۾ ٻين سڌارن بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو جي نجڪاري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ايڪسپريشن آف انٽرسٽ جلد شايع ٿيندا. بجلي  نظام ۾ بهتري لاءِ 500 ڪي وي غازي بروٿا، فيصل آباد ٽرانسميشن لائين جو پي سي ون منظوري جي مرحلن ۾ آهي، درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽن کي ٿرڪول تي منتقل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل فيزيبيليٽي مڪمل ٿي چڪي آهي، ٿرڪول کي پلانٽن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي لائين تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ مقابلي تي ٻڌل بجلي جي مارڪيٽ کي آپريشنل بڻائڻ بابت به بريفنگ ڏني وئي۔ مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ لائن لاسز ۾ گهٽتائي آئي آهي، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم واري منصوبي جي ڪانسيپٽ ڪليئرنس پروپوزل جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ فيزيبيليٽي اسٽڊي جاري آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احد خان چيمه، سردار اويس احمد لغاري، نجڪاري بابت مشير محمد علي، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظہر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.