| ڪوئن 200 ڪلو چرس کائي منشيات اسمگلر کي بچائي ورتو |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڪوئن 200 ڪلو چرس کائي منشيات اسمگلنگ جي جوابدار کي بچائي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ عدالت منشيات ڪيس جي جوابدار کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو. پوليس 2022 ۾ هڪ گاڏي تي ڇاپو هڻي 2 ڪلو چرس برآمد ڪيو ۽ هڪ جوابدار کي پڪڙي منشيات اسمگلنگ جي ڪيس ۾ چالان ڪيو. لاڳيتو 4 سال ڪيس هلڻ باوجود پوليس جوابدار خلاف ثبوت پيش نه ڪري سگهي. ڪيس دوران پوليس اعتراف ڪيو ته جوابدار وٽان 3 ڪروڙ رپين جو 2 ڪلو چرس برآمد ڪيو هو چرس گودام ۾ رکيو هو جٿي ڪوئن جي راڄ سبب بچي نه سگهيو پوليس موجب سمورو چرس ڪوئا کائي ويا آهن، عدالت لاپرواهي تي پوليس کي سخت ڇنڊ پٽي ۽ فيصلو جوابدار جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو. عدالت جي حڪم تي جوابدار کي آزاد ڪيو ويو