ڪوئيٽا لاهور قلندرز کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڪوئيٽا لاهور قلندرز کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) پي ايس ايل 11 ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاهور قلندرز کي سولائي سان 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، ڪراچي ۾ ٿيل ميچ ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي، پوري ٽيم 19.5 اوورز ۾ 134 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. قلندرز پاران حسيب الله 33 ۽ اساما مير 22 رنز ٺاهيون، فخر زمان 20، عبدالله شفيق 17، سڪندر رضا 15 رنز ٺاهيون. ڪوئيٽا پاران جهانداد خان ۽ عثمان طارق 3-3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڪوئيٽا ٽيم لاهور قلندرز جو 135 رنز جو هدف سولائي سان 17هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. رائلي روسو 60 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، حسن نواز 49 رنز جي اننگز کيڏي. جڏهن ته پوائنٽس ٽيبل ۾ ڪوئيٽا 7 ميچز ۾ 6 پوائنٽس سان چوٿين پوزيشن تي آهي، لاهور قلندرز 6 ميچرز ۾ 4 پوائنٽس سان ستين نمبر تي آهي.