| ڪورم باوجود اجلاس ملتوي ڪرڻ پارليامينٽ سان مذاق آهي: آصفه |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائم مقام اسپيڪر جي رويي تي مون کي انتهائي مايوسي ٿي آهي. ڪورم موجود هجڻ باوجود بار بار اجلاس ملتوي ڪرڻ پارلياماني نظام جو مذاق بڻائڻ جي برابر آهي. چيو پيو وڃي ته اسپيڪر کي سيشن ملتوي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون ته جيئن منهنجو ڌيان طلب نوٽيس پيش نه ڪري سگهجي. اجلاس ملتوي ڪرڻ انتهائي ننڍڙي ۽ خراب سياسي چال آهي.