ڪورنگي: شادي ڪاڄ ۾ ويندي 5 ڄاڃي کليل گٽر ۾ ڪري پيا

ڪورنگي: شادي ڪاڄ ۾ ويندي 5 ڄاڃي کليل گٽر ۾ ڪري پيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ شادي ڪاڄ ۾ ويندي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄاڃي کليل گٽر ۾ ڪري پيا, اطلاع تي ريسڪيو عملي پهچي 5 ئي ڄڻن کي گٽر مان ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو، مقامي ڪائونسلر جو چوڻ آهي ته اعظم ڪوهاٽي جي گهر ۾ شادي هئي، شادي ڪاڄ ۾ اچڻ لاءِ ڄڃ واري بس گٽر نالي وٽ بيٺي، گٽر نالي جي ڇت ڪمزور هئڻ سبب ڪري پئي جنهن ۾ 4 ڄڻا ڪري پيا،  شادي ڪاڄ  جو ڌڻي اعظم ڪوهاٽي به ڄاڄين کي بچائڻ لاءِ گٽر نالي ۾ لٿو، هوڏانهن  ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، هڪ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.