| ڪورنگي: عورت تي تيزاب سان حملو: هراساني جا الزام |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي ۾ عورت تي تيزاب سان حملو، اسپتال داخل، وڏي وزير پاران رپورٽ طلب، ان ڏس ۾ ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ عورت ڪرن خان تي مبينا طور تي پاڙيسري تيزاب اڇلايو، جنهن سبب متاثر عورت سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، متاثر عورت جو چوڻ هو ته پاڙيسري علي ڪافي عرصي کان هراسان ڪندو رهيو، جنهن خلاف مون اڳ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. هن الزام هنيو ته پاڙيسري پنهنجي پاڻيءَ جي ٽانڪي ڀريندو هو، جنهن سبب منهنجي گهر ۾ پاڻي اچڻ جو مسئلو ٿيندو هو، جنهن بابت ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر مسئلو حل نه ڪيو ويو. عورت موجب 21 جون تي جڏهن آئون گهر کان ٻاهر نڪتيس ته جوابدار علي تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويو. هن وڌيڪ الزام هنيو ته واقعي ۾ جوابدار جي زال پڻ ملوث هئي، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي عورت تي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي