ڪورنگي: ڦر دوران نينگر کي قتل ڪندڙ مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪورنگي: ڦر دوران نينگر کي قتل ڪندڙ مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي ۾ ڦر دوران نينگر شانو کي قتل ۽ سندس پيءَ کي زخمي ڪندڙ ڦورو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، پوليس موجب جوابداررضوان 15 مئي  تي لانڍي ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران 12 ورهين جي نينگر امين عرف شانو کي قتل ۽ سندس والد ناصر کي زخمي ڪيو هو, جوابدار رضوان ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو، مارجي ويل وٽان پسٽل ۽ چوري ڪيل موٽر سائيڪل هٿ آئي.