| ڪورنگي ۾ مقابلو: انڌي گولي سبب رڪشا سوار شاگردياڻي فوت |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي نمبر 6 ۾ چراغ هوٽل ويجهو پوليس مقابلي دوران انڌي گولي لڳڻ سبب هلندڙ رڪشا ۾ ويٺل 17 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئيم ريسڪيو عملدارن موجب فوتي نينگري جي سڃاڻپ 17 ورهين جي ڪومل طور ٿي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪومل فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئي، جيڪا ٻن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هئي, ڪومل گهرڀاتين سان ناناڻن کان پنهنجي گهر وڃي رهي هئي ته واقعو پيش آيو