| ڪورنگي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو: هڪ جوابدار فل فراءِ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، هڪ جوابدار فل فراءِ پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان عباس واري واقعي ۾ ملوث هو، ان ڏس ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس هٿان مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار پهرين جولاءِ تي ڦر دوران نوجوان عباس جي قتل ۾ ملوث نڪتو پوليس موجب جوابدار ۽ سندس ساٿين نوجوان عباس کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مزاحمت ڪرڻ تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽريس ڊيوائس ذريعي مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ اسد ولد شريف طور ٿي آهي.